137

ڪورونا وائرس ملڪ ۾ وڌيڪ 140 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ٽئين لهر بي قابو، گذريل ڏينهن دوران وڌيڪ 140 ڄڻا فوت ٿي ويا، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي رپورٽ مطابق گذريل ڏينهن هڪ سئو چاليهه مريض حياتي ونڃائي چڪا آهن، جنهن کانپوءِ فوتگين جي تعداد وڌي ڪري 18 هزار 677 ٿي وئي، اين سي او سي مطابق گذريل 24 ڪلاڪن جي دوران ڪورونا جا 44 هزار 846 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن،  جنهن ۾ مثبت ڪيسز جي تعداد 4 هزار 298 رهي آهي، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ جي تعداد 9.58 سيڪڙو رهي، پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي مجموعي ڪيسز جي تعداد 8 لکهه 50 هزار 131 ٿي چڪي آهي، جنهن ۾ 7 لکهه 47 هزار 755 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو