بلڙي شاھ ڪريم (ويب ڊيسڪ) بلڙي شاھ ڪريم لڳ مسافر ڳوٺ وٽ ٽنڊو محمد خان ۽ بلڙي شاھ ڪريم قومي شاھراھ تي چنگچي رڪشا ۽ موٽر سائڪل ۾ زوردار ٽڪر، چنگچي رڪشا تي ھوسڙي کان ميرپور بٺورو عيد تي ويندڙ معصوم ٻارڙو حسنين پٽ حسن سولنگي ٿڏي تي فوت سندس امڙ حوا سولنگي ۽ ھڪ ٻيو شخص ٻيلو شھر جو رھواسي اشرف پٽ آدم ولڙ شديد زخمي ٿي پيا اطلاع تي بلڙي شاھ ڪريم پوليس فوري پھچي زخمين ۽ فوتي ٻار کي رورل ھيلٿ سينٽر بلڙي شاھ ڪريم پھچايو، جتي ڊاڪٽرن معصوم ٻار جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جڏھن ته ٻيلي شھر جي رھواسي اشرف ولڙ جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کيس حيدرآباد سيول اسپتال ريفر ڪيو ويو آهي، جڏھن ته حادثي ۾ فوت ٿيندڙ گلڙن جھڙي معصوم حسنين جي امڙ پنھنجي جگر جي ٽڪري جي لاش کي چنبڙي اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي رھي اسپتال ۾ موجود ماڻھن پڻ روئي ڏنو، جڏھن ته حادثي جو شڪار سولنگي برادري جون عورتون مرد پنھنجي پٽ سميت چنگچي رڪشا تي ھوسڙي کان ميرپوربٺورو عيد تي وڃي رھيا ھئا ته حادثو پيش ٿيو جنھن ۾ معصوم حسنين سولنگي زندگي جي جنگ ھارائي ويو.
249