221

شهباز شريف لنڊن ونڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم (ن) ليگ جي صدر شهباز شريف لنڊن ونڃڻ جي تياري ڪري ڇڏي، رپورٽ مطابق قومي اسمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر شهباز شريف جي لاءِ غير ملڪي ايئر لائين جي بڪنگ ڪرائي وئي آهي، بليڪ لسٽ مان نالو نڪرندي هي هو سڀاڻي راوانو ٿيندو، شهباز شريف پنهنجي ڪينسر ۽ چيل جي ڊاڪٽر کان ٽائيم وٺي چڏيو آهي، ان کان علاوه شهباز شريف پنهنجونالو بليڪ لسٽ مان ڪڍرائڻ لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست تي رجسٽر ار آفس جو اعتراض، رجسٽرار آفيسر جو چوڻ هو ته درخواست گذار پھريائين لاڳاپيل فورم جو حوالو نه ڏنو، عدالت شهباز شريف کي ترت طور تي طلب ڪيو جنهن تي هو عدالت ۾ وري پيش ٿيو، جسٽس علي باقر نجفي شهباز شريف جي درخواست تي آيل اعتراض تي ٻڌڻي ڪئي، فاضل جج سرڪاري وڪيل کان سوال ڪيو ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل آهي يه نه ؟، سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته هيئر مونکي ڪنفرم نه ٿي سگهيو آهي، جسٽس علي باقر نجفي رمارڪس ڏيندي چيو ته جڏهن ملزم کي ضمانت ٿي چڪي آهي، هو ٽرائل ۾ پيش ٿي رهيو آهي، اپوزيشن ليڊر ۽ 3 دفعا وزيراعليٰ پنجاب رهيو آهي، ته ڪهڙي گارنٽي کپي اوهان کي؟، سرڪاري وڪيل جواب ڏنو ته عدالت کان درخواست ضمانت عيد کانپوءِ ٻڌڻي رکڻ جي استدعا ٿو ڪريان، اسانکي ٿورو وقت ڏيو ته جيئن اسان ادارن کان صلاح مشورو ڪري سگهون، شهباز شريف درخواست ڪئي ته آئون ڪينسر جو مريض آهيان، چيڪ اپ لاءِ ريگولر برطانيه ويندو آهيان، 15 سال کان تواتر کان چيڪ اپ ڪرايان پيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو