پيرجوڳوٺ (ويب ڊيسڪ) پيرڳوٺ جي هندو پاڙي ۾ ڪپڙي جي نوجوان دڪاندار پنجون پل پريتم داس پنهنجي ڪمري جو در بند ڪري پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو، فائر جي آواز تي گهرڀاتين ڪمري مان لاش ڪڍيو، اطلاع تي پوليس لاش اسپتال کڻائي آئي، جتان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن ٻڌايو ته نوجوان ڪيترن ئي ڏينهن کان پريشان هو، هن اهڙو قدم کڻي ناحق ڪيو آهي.
