اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب هوندو، سعودي ولي عهد سان گڏ اهم شخصيتن کان ملاقاتون ٿينديون جڏهن ته روضه رسول صه تي حاضري ۽ عمري جي سعادت به حاصل ڪندو، رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان اعليٰ سطحي وفد سان 3 ڏينهن سرڪاري دوري تي سعودي عرب روانو ٿيندو، خاتون بيبيٰ اول بشريٰ بي بي وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهي، گورنر سنڌ، گورنر ڪي پي، وزير وزير خارجه ۽ وزير داخلا به گڏ آهن، ان کان علاوه سينيٽر فيصل جاويد ۽ صوبائي وزير خوراڪ پنجاب عليم خان به وزيراعظم سان گڏ آهن، دوري جي دوران وزيراعظم عمران خان اهم سعودي شخصيتن سان ملاقاتون ڪرڻ سان گڏ وفد سان روضه رسول صه جي روضي تي حاضري ۽ عمري جي سعادت حاصل ڪندو.
