ڪراچي /اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارتي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سنڌ کي پورو پاڻي نه ملڻ تي وفاق سان سخت احتجاج ڪندي چشما جهلم لنڪ ڪئنال بند ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ جاري ڪيل هڪ بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ جو پاڻي بند ڪري سفاڪيت جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ڏڪار به ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته نااهل پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۾ پاڻي جو بحران پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جو ڪيس وڙهيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت مجبور ٿي تڪراري تونسا پنجند لنڪ ڪينال بند ڪيو. چيئرمين بلاول ڀٽو چيو ته ارسا واحد ادارو آهي جيڪو واٽر اڪارڊ هيٺ پاڻي جي ورڇ جي نگراني ڪري ٿو. پاڻي جي ورڇ ۾ سندن ئي مرضي نه هلندي، هن چيو ته منگلا ڊيم کي طئي ٿيل فارمولا کان وڌيڪ ڀرڻ سبب سنڌ ۾ پاڻي جو شديد بحران پيدا ٿيو، حالت اها آهي جو سکر بيراج ۾ پاڻي 27 سيڪڙو جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج ۾ پاڻي 44 سيڪڙو گهٽجي ويو آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت جي نااهلي سبب گڊو بئراج مان پاڻي ملڻ بند ٿي ويو آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت سنڌ ۽ پوري پاڪستان ۾ پاڻي جي انصاف ڀري ورڇ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي، عمران خان سنڌ جي هيٺين حصن کي ريگستان ۾ بدلائي ڇڏيو، آهي، ڪراچي ، ٺٽي ، سجاول ، بدين ۽ ٿرپارڪر جو پاڻي بند ڪري پي ٽي آءِ حڪومت سفاڪيت جي انتها ڪري ڇڏي آهي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ جو حل نه ڪڍيو ويو ته ڏڪار واري صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته هيءَ ڪهڙي مديني جي رياست آهي جنهن سخت گرمي ۽ رمضان جي ڀلاري مهيني ۾ سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جو پاڻي بند ڪري ڀت سان لڳايو پيو وڃي، عمران خان پاڻي بند ڪري نوان بحران نه پيدا ڪري. هن چيو ته جيڪڏهن هنگامي بنيادن تي پاڻي جي کوٽ وارو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته پوک متاثر ٿيندي ۽ ان جي نتيجي ۾ غذائي بحران سان هڪ نئون الميو پيدا ٿيندو. ٻي پاسي ارسا پاڻي کوٽ بابت رپورٽ قومي اسيمبلي جي پاڻي بابت ڪاميٽي کي موڪلي ڇڏي آهي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تربيلا ڊيم جي گنجائش 1618 فوٽ رکڻ سبب پاڻي ذخيرو 2 لک 70 هزار رهجي ويو آهي.26 اپريل تائين سنڌو ۾پاڻي وهڪرا گهٽجي 13 کان 15 هزار ڪيوسڪ رهجي ويا آهن، جڏهن ته پنجاب ٽي پي لنڪ ڪئنال بند ڪري ڇڏيو آهي، پنجنند وٽان پاڻي جي کڻت رڳو 10 هزار ڪيوسڪ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته تونسا کان ڪوٽڙي تائين لاسز ۾ واڌ سبب پاڻي کوٽ ۾ ٿي آهي، سنڌ لاءِ پاڻي 48 هزار مان وڌائي 65 هزار ڪيوسڪ ڪيو آهي.
132