200

نيب پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻهراڙي جي ڊوميسائيل تي مقرر ملازمن ۽ آفيسرن جا تفصيل طلب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) نيب جو انوکو ڪارنامو سامهون آيو آهي، سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾مقرر ٻهراڙي جي ملازمن ۽ آفيسرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب سنڌ حڪومت کان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾مقرر گريڊ هڪ کان 22 تائين جي ملازمن ۽ آفيسرن جا تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، نيب سيڪريٽري سروسز سنڌ کي خط لکي ٻهراڙي جي ڊوميسائيلن تي مقرر ملازمن ۽ آفيسرن جا تفصيل گهريا آهن، رڳو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾مقرر سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي ملازمن ۽ آفيسرن جا تفصيل گهريا ويا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو