قبوسعيدخان (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي علائقي جهل مگسي ڀرسان ڳوٺ چانڊرام لڳ نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه نوجوان قتل ٿي ويا، نامعلوم هٿياربند موٽرسائيڪل سوار 30 ورهين جي نثار احمد ولد رجب علي ۽ ساٿي 34 ورهين جي دين محمد ولد محمد عارف ڌرپالي کي موقعي تي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اهڙو اطلاع جهل مگسي ليويز پوليس کي ڏنو ويو جنهن واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي جا لاش جهل مگسي اسپتال کڻائي آندا، جتان ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيا، لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. جهل مگسي ليويز انچارج ارباب علي مگسي صحافين پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي جانچ ڪيون پيا، واقعو پراڻي دشمني تان ٻڌايو پيو وڃي، قاتلن کي جلد گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.
194