245

لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي اڄ کان3 جولاءِ تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي 8 مئي کان 3 جولاءِ تائين پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي 8 هفتن جي لاءِ علاج جي لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏني آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ 6 صفحن تي ٻڌل فيصلو به جاري ڪيو آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ شامل نه آهي، نالو بليڪ لسٽ ۾ شامل آهي ته به علاج لاءِ برطانيا وڃڻ کان نه روڪيو ويندو. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته شهباز شريف کي علاج لاءِ هڪ ڀيرو 8 مئي کان 3 جولاءِ تائين برطانيا وڃڻ جي اجازت ڏئي وئي آهي. عدالت درخواست تي ڌرين کي 5 جولاءِ تي پيش ٿيڻ لاءِ نوٽيس به جاري ڪري ڇڏيا آهن.ان کان اڳ جمع ڏينهن شهباز شريف جي علاج لاءِ  پرڏيهه وڃڻ جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس علي باقر نجفي شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستاني شهري آهيان ۽ علاج لاءِ پرڏيهه وڃڻ منهنجو حق آهي، آئون ڪينسر جو مريض رهيو آهيان، مون کي سال ۾ ٽي ڀيرا چيڪ اپ ڪرائڻو پوندو آهي. هن چيو ته مون کي جلاوطني ۾ اِهو مرض لڳو، مون کي آمريڪي ڊاڪٽرن چيو ته لنڊن ۾ ان جو علاج ڪرايو وڃي، آئون گذريل 15 سالن کان علاج ڪرائي رهيو آهيان. هن ٻڌايو ته جيل ۾ عدالت جي حڪم تي ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو، ميڊيڪل رپورٽ ۾ نوان مسئلا آڏو آيا. شهباز شريف وڌيڪ چيو ته ڇا آئون دهشتگرد آهيان جو منهنجو نالو بليڪ لسٽ ۾ وڌو ويو، آئون ٽي ڀيرا پنجاب جو وڏو وزير رهيو آهيان، هاڻ مخالف ڌر اڳواڻ آهيان، مون کي جڏهن ڊاڪٽر واپسي جي اجازت ڏيندا آئون فوري طور تي واپس اچي ويندس. شهباز شريف عدالت ۾ 3 جولاءِ جي واپسي واري ٽڪيٽ پيش ڪري ڇڏي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو