215

بلاول ڀٽو سان مختلف ملڪن جي سفيرن جي ملاقات،افطار ڊنر

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو سان مختلف ملڪن جي سفيرن جي ملاقات، افطار ڊنر ڏنو. اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ.رپورٽ موجب بلاول هائوس ڪراچي ۾پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو سان آمريڪا، آفغانستان، بحرين،  عمان، قطر،سعودي عرب،گڏيل عرب امارات ۽ اٽلي جي سفيرن سان ملاقاتون ڪيون، دوست ملڪن جي سفيرن جي اعزاز ۾افطار ڊنر پڻ ڏنو ويو. ان موقعي تي خطي جي سياسي صورتحال پاڪستان جي دوست ملڪن سان لاڳاپن ۽ ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جڏهن ته ان موقعي تي گڏيل واپاري رابطا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. افطار ڊنر ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه، تعليم واري وزير سعيد غني، اطلاعات واري صوبائي وزير ناصر شاهه، پيپلزپارٽي جي نائب صدر شيري رحمان، پيپلزپارٽي جي اطلاعات واري سيڪريٽري شازيه مري موجود هئي. افطار ڊنر ۾ آمريڪي قونصل جنرل رابرٽ سلبرسٽين ۽ اٽلي جي قونصل جنرل ڊينيلو گيئور ڊانيلا پڻ شرڪت ڪئي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو