226

لاهور هاءِ ڪورٽ جي 13 نون ايڊيشنل ججن حلف کڻي ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي 13 نون ايڊيشنل ججن سلطان تنوير احمد، محمد طارق نديم، احمد نديم ارشد، علي ضيا باجوه، عابد حسين چٺه، محمد شان گل، راهيل ڪامران شيخ، انوار حسين، محمد رضا قريشي، محمد امجد رفيق، صفدر سليم شاهد، شڪيل احمد ۽ سهيل ناصر  حلف کڻي ورتو آهي، لاهور هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس قاسم خان نون ايڊيشنل ججن کي عهدي جو حلف کڻايو، 13 ايڊيشنل ججن جي مقرري هڪ سال لاءِ ڪئي وئي،سينيارٽي لسٽ ۾شامل آهن، نون ججن بعد سينارٽي لسٽ ۾ججن جو تعداد 50 ٿي ويو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو