دبئي (ويب ڊيسڪ) دبئي ۾ دنيا جو بُلند سوئيمنگ پول عام ماڻهن لاءِ کوليو ويو آهي، رپورٽ موجب مرينا ۾ واقع ايڊريس بيچ ريزورٽ جي بلند عمارت تي سويئمنگ پول ٺاهيو ويو آهي، شيشي سان ٺهيل سوئيمنگ پول ۾ تيراڪي سان آسمان تي تيراڪي جو گمان ٿئي ٿو، جڏهن ته هوٽل انتظاميا پهرئين مرحلي ۾ سوئيمنگ پول 21 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن لاءِ کوليو آهي.
