123

وفاقي حڪومت جو شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ تي عدالت ۾ ونڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت شهباز سريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي فيصلي تي عدالت ونڃڻ جو اعلان، سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وفاقي وزير اطلاعت فواد چوڌري شهباز شريف کي بيرون ملڪ ونڃڻ تي روڪڻ جي معاملي تي چيو ته بليڪ لسٽ ۾ نالو لڳائڻ يه ڪڍڻ ڊي جي ايف آئي جو اختيار آهي ۽ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جي درخواست ڊي جي  ايف آئي اي کي نه ملي آهي، هن چيو ته صرف زباني ڳالهين تي ريڪارڊ ۾ تبديلي نٿي ٿي سگهي، وزيراطلاعت فوادچوڌري شهبار شريف جو نالو بلڪ لسٽ مان ڪڍڻ تي چيو ته حڪومت ان فيصلي جي خلاف عدالت سان حوالو ڪندي، ياد رهي ته گذريل ڏينهن ايف آءِ اي اميگريشن اختيارين شهباز شريف کي سسٽم ۾ بليڪ لسٽ هجڻ سبب دوحه ويندڙ اڏام مان آف لوڊ ڪري ڇڏيو هو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو