135

ورزش اوهان لا۽ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿي ڪورونا مان صحتيابي کانپوءِ: ريسرچ

لنڊن (ويب ڊيسڪ) سموري دنيا ۾ ڪورونا سبب صحتياب ٿيندڙ ماڻهن جو انگ لکن ۾ آهي، پر ڪيترن ئي مريضن ۾ مختلف مسئلا نظر آيا آهن، ان حوالي ان حوالي سان باقاعده ورزش ان خطرناڪ مرض جي حملن کان بچائي سگهي ٿي، برطانيه ۾ نيشنل انسٽيٽيوٽ فار هيلٿ ريسرچ سان سلهاڙيل تحقيقي مرڪز ڪورونا 19 جي ڪيترن ئي مريضن کي ڇهن هفتن تائين ورزش ڪرڻ جو چيو جنهن جا حيرت ۾ وجهندڙ فائدا ڏسڻ لاءِ مليا، ورزش ڪندڙ ماڻهن جي جسماني طاقت سان گڏوگڏ دماغي صلاحيت ۾ به بهتري نوٽ ڪئي وئي، ڇهن هفتن کان پوءِ سمورن شرڪت ڪندڙن ورزش ۾ بهتري ڏيکاري ۽ انهن کي نمبر ڏنا ويا، اهڙي طرح  هنن جي ٿڪاوٽ ۾ به بهتري آئي، ان کان اڳ اڪثر مريضن ۾ جسماني ۽ نفسياتي بيماري به هوندي هئي جيڪا ان جي روزاني واري زندگي کي سخت متاثر ڪندي هئي، هي تحقيق جنرل آف ڪرونگ رپسئارينٽري ڊيزيز ۾ شايع ٿي آهي، ان کان علاوه ڪورونا مان متاٿر ٿيندڙ 30 مريضن کي ڪورونا مان صحتياب ٿيڻ کان پوءِ ڇنڇر ۾ ٻه ڀيرا ورزش جون ڪلاسون ڏنيون ويون ۽ انهن کي اسپتال ۾ گهرائي مختلف ورزشون ڪرايون ويون، واضح رهي ته عام حالتن ۾ جڏهن مريضن کان ورزش ڪرائي ويندي آهي ته انهن ۾  ٿڪاوٽ ۽ ڪمزوري محسوس ٿيندي آهي، پر ڪورونا مريضن ۾ اهڙي طرح جا منفي آثار نظر نه آيا.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو