160

تلهار ويجهو ڦليلي واهه ۾ وهنجندي 3 معصوم ٻارڙا ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن پاران هڪ ٻار کي بچايو ويو، 2 فوت

تلھار(ويب ڊيسڪ) تلھار ويجھو درگاھ ساجن سوائي لڳ ڳوٺ حاجي خان لاشاري وٽ ڦليلي واهه ۾ وھنجدي 3 معصوم ٻارڙا ٻڏڻ لڳا، اتي ڀرپاسي ۾ موجود ڳوٺاڻن بروقت ڪاروائي ڪندي ھڪ ٻارڙي 10 سالا نومان ولد اڪبر لاشاري کي بچائي ورتو جڏھن ته ٻه ٻارڙا 10 سالا سمير ولد ظھير لاشاري ۽ 7 سالا نينگري اجلي ولد لال خان لاشاري گوتا کائيندي ٻڏي ويا، ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت موقعي تي ٻارڙن جي لاشن کي ڪڍي  ترت رورل ھيلٿ سينٽر تلھار پھچايو ، جتي ڊاڪٽرن سندن  سمير ۽ اجلي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته گوني مان وڏا وڏا ٽرالر مٽي جا ڪڍڻ کان پوءِ گھرا کڏا پئجي ٿا وڃن، جن ۾ پاڻي ڀرجڻ کان پوءِ گھڙو اچي وڃي ٿو، جنھن ۾ ڦاسڻ کانپوءِ ماڻھون نڪري نٿو سگھي، ھنن جو چوڻ ھو ته ھي ٻارڙا اھڙي ئي قسم جي گھڙي ۾ ڦاسڻ جي ڪري ٻڏي فوت ٿي ويا  آھن، ٻارڙن جي ٻڏڻ جي خبر گهر پهچڻ تي سندن گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو