پريالوءِ (ويب ڊيسڪ)پريالوءِ ۾ رولو ڪتن جو آزار ختم نه ٿي سگهيو، ڇتي ڪتي 3 معصوم ٻارڙن سميت چار ڄڻن کي چڪي زخمي ڪري وڌو زخمي اسپتال منتقل ويڪسين نه ملڻ جون دانهون،مڙھي واري علائقي ۾ 5 سالا معصوم نينگري عائشه ڌيءَ اشفاق احمد ميمڻ جڏھن ته ساڳئي ئي پاڙي جي 5 سالا نينگر عتيق الرحمان پٽ نديم احمد چنوکي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، ساڳي ئي پاڙي ۾ ويٺل باگڙي برادري جي گھرن تي ڇتي ڪتي ڪاهه ڪري 5 سالا معصوم نينگر گنيش تي حملو ڪري زخمي ڪيو ته نينگر جي والد جترام باگڙي پٽ کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، ان کي به ڇتي ڪتي چڪ ھڻي زخمي ڪري وڌو، ڇتي ڪتي جي ڏاڙھيل زخمين کي خانگي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ھوڏانھن مقامي ماڻھن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڇتي ٿيل ڪتي کي لٺيون هڻي ماري وڌو.
131