افغانستان (ويب ڊيسڪ) افغانستان جي دارالحڪومت ڪابل ۾ اسڪول جي ويجهو بم ڌماڪو ڪيترن ئي شاگردن سميت 40 ڄڻا فوت، رپورٽ مطابق جوابدارن اسڪول تي بم ڌماڪو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن نتيجي ۾ 40 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ، رپورٽن مطابق فوت ٿيڻ وارن ۾ گهڻي تعداد شاگردن جي آهي، جيڪي قريبي اسڪول ۾ پڙهندا هئا، لاشن ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي زخمين جي حالت نازڪ هئي، حملي جي ذميواري هن وقت تائين ڪنهن به گروپ قبول نه ڪئي آهي، جڏهن ته طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد حملي جي مذهمت به ڪئي آهي، ياد رهي هي حملو ان وقت ئي ٿيو آهي جڏهن آفغانستان مان آمريڪي فوج جنگ کانپوءِ واپس روانو ٿي رهي هئي.
