111

وزيراعظم عمران خان جي روضه رسول صه تي حاضري

سعودي (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان مدينه منوره پهچڻ کانپوءِ روضه رسول صه تي حاضري ڏني ۽ نفل به ادا ڪئي، رپورٽن مطابق وزيراعظم عمران خان، ٽن ڏينهن جو سرڪاري دورو خاتون اول ۽ سندس وفد سان سعودي عرب پهتل آهي، جتي ان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي ۽ مختلف ڳالهين تي غور ويچار ڪيو.رسول الله صه جي شان عقيدت ۽ عشق ۾ عمران خان احترامن مديني جي سرزمين تي جوتي لاهي قدم رکيو، عمران خان ۽ سندس وفد روضه رسول صه تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي صه ۾ افطار ۽ نماز مغرب ۽ عشاء بي ادا ڪئي، وزيراعظم عمران خان جي معاون خاص شهباز گل ٻڌايو ته عمران خان عمره جي ادائيگي لاءِ صبح روانو ٿيندو.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو