لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ بين الاضلعا پبلڪ ٽرانسپورٽ کي 10 مئي تائين اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سول سيڪريٽريٽ ۾ڪورونا صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ کي 10 مئي تائين اجازت هوندي، جڏهن ته 10 مئي تائين شام 5 وڳي کان 15 مئي صبح 6 وڳي تائين پابندي هوندي، هوڏانهن قانون واري صوبائي وزير راجا بشارت چيو آهي ته احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏيوۡ.
118