جده (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي دوري دوران ڇنڇر ڏينهن سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز السعود سان جده ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻن طرفن جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ هنن پنهنجن ملڪن جي وچ ۾ مذهبي، گڏيل قدرن، گڏيل اعتماد ۽ پائيدار روايتن تي ٻڌل مضبوط ۽ تاريخي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو پڪو پهه ڪيو. وزيراعظم سعودي عرب جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري جي لاءِ پاڪستان جي تعاون کي ورجائيندي پاڪ حرمن جي سرزمين سان پاڪستانين جي عزت ۽ تڪريم کان آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن گڏيل سياسي، اقتصادي، واپاري، دفاعي ۽ سلامتي سان لاڳاپيل معاملن بابت موجوده لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ رضامندي جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي پاڪستان ۾ سعودي عرب پاران سيڙپڪاري، توانائي جي شعبي ۾ تعاون ۽ پاڪستانين جي لاءِ سعودي عرب ۾ نوڪرين جا موقعا وڌائڻ تي خاص زور ڏنو ويو. وزيراعظم قومي اقتصادي ترقي جا مقصد اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پرامن پاڙيسرين بابت پنهنجي ويزن کان آگاهه ڪيو. هن ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير جي صورتحال تي روشني وجهندي چيو ته ڪشمير تڪرار جي پرامن حل جي ضرورت آهي. وزيراعظم افغانستان ۾ مفاهمت ۽ امن عمل جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن تي پڻ روشني وڌي. وزيراعظم عمران خان خادم الحرمين الشريفين جي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سعودي عرب جي ڪردار ۽ قدمن کي پڻ ساراهيو. ملاقات کان پوءِ وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد سعودي – پاڪستان سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل (ايس پي ايس سي سي) قائم ڪرڻ جي لاءِ معاهدي تي پڻ صحيحون ڪيون، ان ڪائونسل جي سربراهي وزيراعظم پاڪستان ۽ سعودي ولي عهد گڏيل طور ڪندا . اها قائم ڪرڻ جو مقصد پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن جي ترقي کي تزويراتي رخ ڏيڻ آهي. وزيراعظم عمران خان ان اميد جو اظهار ڪيو ته ڪائونسل سمورن شعبن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. ٻئي اڳواڻ ڏوهن کي منهن ڏيڻ، سزا يافته قيدين جي مٽاسٽا، منشيات ۽ منع ٿيل ڪيميڪلز جي اسمگلنگ روڪڻ، 500 ملين ڊالرز جي توانائي، پن بجلي، انفراسٽرڪچر، ٽرانسپورٽ ۽ ڪميونيڪيشن ۽ پاڻي وسيلن جي ترقي جي حوالي سان منصوبن جي فنانسنگ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن جي فريم ورڪ سميت مختلف ٻطرفن معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي موقعي تي پڻ موجود هئا. وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، ان کان اڳ وزيراعظم جو جده ايئرپورٽ پهچڻ تي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان شاندار استقبال ڪيو. ٻي پاسي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي جده ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سعودي عرب جي هن دوري دوران ولي عهد پاڻ وزيراعظم عمران خان جو استقبال ڪرڻ جي لاءِ آيو. هن چيو ته وفدن جي سطح تي ڳالهين کان پوءِ اسان جي هڪ سمال گروپ ملاقات ٿي ، ان ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان، آرمي چيف ۽ آئون موجود هئس. ان ملاقات ۾ افغان امن عمل سميت خطي جي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، سعودي پرڏيهي وزير ان بابت خطي ۾ انهن جي تازين سرگرمين جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو. اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ هڪ مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ٿيون آهن. ان معاهدي موجب سعودي عرب ۽ پاڪستان جي وچ ۾ هڪ اعليٰ سطحي ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪئي ويندي، جنهن تحت اسان جي وچ ۾ مستقبل ۾ ادارن جي سطح تي هڪ ”اسٽرڪچرڊ انگيجمينٽ پلان“ جوڙيو ويو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن، خاص طور تي توانائي، اقتصادي تعاون، سيڙپڪاري ۽ روزگار جي موقعن ۾ اڳتي وڌڻ جي عزم کي ورجايو ويو آهي، سعودي ولي عهد اسان کي سعودي عرب جي ويزن جي مقصدن بابت تفصيل سان آگاهه ڪيو آهي، ان موجب ان ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ سعودي عرب کي ايندڙ 10 سالن دوران نوڪرين هڪ ڪروڙ ماڻهن جي گهرج ٿيندي،پرڏيهي وزير چيو ته انهن فيصلو ڪيو آهي ته پاڪستاني ورڪ فورس جي گذريل خدمتن کي نظر ۾ رکندي ان گهربل ورڪ فورس جو وڌيڪ حصو پاڪستان مان ورتو ويندو، روزگار جي موقعن جي حوالي سان اها پاڪستانين جي لاءِ هڪ تمام وڏي خبر آهي. هن چيو ته اڄ 5 اهم معاهدن تي صحيحون ٿيون آهن، هڪ معاهدو وزيراعظم عمران خان ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ ڪوآرڊينيشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جي حوالي سان ٿيو آهي، ٻيو معاهدو ترتيبوار قيدين جي مٽاسٽا ۽ ڏوهن جي خاتمي جي حوالي سان طئي ٿيو جن تي گهرو وزير شيخ رشيد صحيحون ڪيون. ٻن معاهدن تي مون صحيحون ڪيون انهن مان هڪ معاهدو منشيات جي اسمگلنگ روڪڻ لاءِ اپاءِ وٺڻ بابت ۽ ٻيو سعودي ڊيولپمينٽ فنڊ مان پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر ڏيڻ بابت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ان ناڻي کي پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ، پاڻي وسيلن جي ترقي ۽ هائيڊرو پاور ڊيولپمينٽ جي لاءِ خرچ ڪيو ويندو، ماحوليات ۽ توانائي جي منصوبن جي فريم ورڪ جو معاهدو مپڻ ڪيو ويو آهي. اسان او آءِ سي ۽ ان جي ايندڙ رخ جي حوالي سان پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏيندي باور ڪرايو ته ان جي دوري جي نتيجي ۾ جيڪا گڊ ول پيدا ٿي ان جا اثر اڄ پاڪستانين جي دلين ۾ تازا آهن. وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جيڪا هن ٿورن سان قبول ڪئي. شاهه محمود قريشي ٻڌايو ته مون به پنهنجي سعودي هم منصب کي جلد پاڪستان اچڻ جي دعوت ڏني آهي جنهن کي هن قبول ڪيو آهي، انشاءَ الله عيد کان پوءِ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري جا مقصد طئي ڪرڻ جي لاءِ سعودي آفيسرن جو وفد پاڪستان ايندو. مجموعي طور تي هي سعودي عرب جو دورو انتهائي فائديمند رهيو آهي، رمضان مهيني جون برڪتون ان ۾ شامل هيون ۽ هي دورو پاڪستانين جي لاءِ تمام گهڻين خوشبرين جي نويد هوندو.
121