لاهور (ويب ڊيسڪ) شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪڻ تي مريم نواز ٽويٽر تي رد عمل ڏيندي ان عمل جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته حڪومت شهباز شريف کي روڪي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اِهو نظر اچي پيو ته هاڻ سليڪٽڊ ڊنل آهي. ٻي پاسي مسلم ليگ ن جي ترجمان مريم اورنگزيب لاهور ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف کي روڪي شهزاد اڪبر عمران خان جي حڪم تي عمل ڪيو. بليڪ لسٽ جي قانوني حيثيت نه آهي، شهزاد اڪبر ۽ فواد چوڌري جا بيان اچي رهيا هئا ته عدالتي حڪم نٿا مڃون، ان ڪري شهزاد اڪبر عمران صاحب جي حڪم تي عمل ڪيو. هن چيو ته حڪومت جي ترجيح شهباز شريف ۽ سياسي مخالف آهن، جڏهن ننڍا ماڻهو وڏن عهدن تي ايندا آهن ته ائين ئي ٿيندو آهي پر گهٻرائڻ جي ضرورت نه آهي، عوام هن کي رد ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ هنن کي مسلم ليگ ن جي گڏ ٿيڻ جو ڊپ آهي. هن وڌيڪ چيو ته هو اڄ نه ته ٻن ڏينهن کان پوءِ هليو ويندو، اهڙي حرڪت ڪري حڪومت ڇا ٿي ثابت ڪرڻ چاهي.
