132

يوم القدس تي اسرائيلي فوج جو مسجد اقصيٰ تي حملو،2 فلسطيني شهيد،205 ڄڻا زخمي

غزه(ويب ڊيسڪ) يوم القدس تي اسرائيلي فوج جو مسجد اقصيٰ  تي حملو،2 فلسطيني شهيد،205 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رپورٽ موجب اولهه ڪناري وٽ صيهوني فوج مسجد اقصيٰ تي حملو ڪندي شديد فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا شهيد ٿي ويا، جڏهن ته حملي ۾205 فلسطيني زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، هوڏانهن ڪيترن جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪيترائي نوجوان گرفتار ڪيا ويا آهن، ٻئي طرف آمريڪا صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته گڏيل قومن يورپي يونين اردن ۽ نار تعاون ڪائونسل پاران خدشن جو اظهار ڪيو آهي، هوڏانهن اسرائيل جي سپريم ڪورٽ سڀاڻي سومر ڏهاڙي تي فلسطينين جي بيدخلي بابت ڪيس جي پڻ ٻڌڻي ڪندي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو