جيڪب آباد(ويب ڊيسڪ) جيڪب آباد جي سٽي ٿاڻي جي حد مولاداد چوڪ تي جوابدار بختيار ڊومڪي فائرنگ ڪري گوليون هڻي بلوچستان جي نصير آباد واسي پنھنجي ڀيڻويي ۽ سئوٽ 35 ورھين جي سائت علي ڊومڪي کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته جوابدار واقعي کانپوءِ فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اطلاع تي پوليس پھچي پيڇو ڪيو ۽ جوابدار کي ڊوڙائي ڊوڙائي ڏنگر پاڙي جي ھڪ گھر مان پسٽل سميت گرفتار ڪري ٿاڻي تي آڻي لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، مقتول جو لاش سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي مڙهه کڻائي نصير آباد روانا ٿي ويا، اسپتال ۾ موجود مقتول جي ماسات ٻڌايو ته اڃان تائين خبر ناهي ته نوجوان کي ڇو قتل ڪيو ويو آهي، سٽي پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول نوجوان کي سالي پنهنجي ڀيڻ جي قتل جي پلاند ھيٺ قتل ڪيو آهي پوليس موجب ته جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن بختيار ڊومڪي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجي ڀيڻ کي مڙس ٻه سال اڳ بيگناهه ڪارنهن جي ڪوڙي تهمت هيٺ قتل ڪيو ھو ۽ ڀيڻ سان ڪارو قرار ڏنل نوجوان واري ڌر کان ڏنڊ ورتو ويو منهنجي ڀيڻ کي بيگناهه قتل ڪيو ويو جنهن جي پلاند ھيٺ کيس قتل ڪيو آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پوليس موجب ته مقتول جي وارثن جي اچڻ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.
141