136

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس پاران ضابطي جي خلاف فنڊن جو استعمال

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس پاران ضابطي جي خلاف فنڊن جي استعمال جو انڪشاف ٿيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ضلعي عدالتن جي 2015ع کان 2020ع تائين فرانزڪ آڊٽ مڪمل ڪئي وئي آهي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن چيف جسٽس پنهنجي اداري جي فرانزڪ آڊٽ پاڻ ڪرائي آهي، فرانزڪ رپورٽ ۽ ڊپارٽمينٽل اڪائونٽ ڪاميٽي جون سفارشون پنهنجي ويب سائيٽ تي موجود آهن. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اڪائونٽس ۽ مالي معاملن ۾ مجموعي شفافيت ڏٺي وئي. جڏهن ته اڳوڻي چيف جسٽس انور قاسي آءِ ايٽ  رهائش گاهه تي 18 لک کان وڌيڪ ضابطي جي خلاف فنڊن جي استعمال جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو