123

وفاقي حڪومت عدالت حڪم باوجود شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ نه ڏنو، جهاز مان آف لوڊ، هوائي اڏي کان واپس گهر روانو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف کي پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. هڪ ڏينهن اڳ لاهور هاءِ ڪورٽ شهباز شريف کي علاج ڪرائڻ لاءِ پرڏيهه وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي هئي. جنهن کان پوءِ ڇنڇر ڏينهن شهباز شريف قطر واري رستي کان لنڊن وڃڻ لاءِ لاهور هوائي اڏي تي پهتو ته اميگريشن اختيارين کيس پرڏيهه وڃڻ کان روڪي ورتو. اختيارين شهباز شريف کي ڇيو ته اسان جي سسٽم ۾ توهان اڃان تائين بليڪ لسٽ ۾ ئي موجود آهيو، ان تي شهباز شريف چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ جو آرڊر آهي، هڪ ڀيرو سفر  جي اجازت ڏني آهي. ان موقعي تي شهباز شريف اميگريشن اختيارين کي عدالت جا حڪم به ڏيکاريا ۽ وڪيل عطا تارڙ  اختيارين کي عدالتي حڪم پڙهي به ٻڌايو. شهباز شريف پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو سبب لکت ۾ ٻڌائڻ ۾ مطالبو ڪيو هو جنهن تي اختيارين هن کي آف لوڊ ڪرڻ بابت لکت ۾ آگاهه ڪري ڇڏيو. آف لوڊ فارم ۾ ٻڌايو ويو آهي ته شهباز شريف جي حوالي سان سسٽم اڃان اپ ڊيٽ نه ٿيو آهي. اميگريشن طرفان پرڏيهه وڃڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي شهباز شريف واپس گهر روانو ٿي ويو. هوڏانهن مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف جو نالو بليڪ لسٽ مان ڪڍڻ جو عدالتي حڪم شهباز شريف جي ليگل ٽيم جي موجودگي ۾ هاءِ ڪورٽ جي ڊسپيچ  برانچ جي ذريعي لاڳاپيل ادارن ڏانهن اماڻيو ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جاري ڪيل حڪم جي ڪاپي وفاقي گهرو سيڪريٽري، ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي اميگريشن  ڏانهن به اماڻي وئي آهي. شهباز شريف جي وڪيلن عدالتي حڪم ميسنجر جي ذريعي گهرو وزارت ڏانهن اماڻڻ جي استدعا ڪئي جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي ايڊيشنل رجسٽرار چيو ته لکت ۾ جاري ڪيل حڪم ۾ اهو نه آهي لکيو ته حڪم ميسنجر ذريعي اماڻيو وڃي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو