132

عوامي عهدي تي ڪرپٽ شخص اچڻ سان جمهوري نظام تان عوام جو ويساهه کڄي ويندو آهي: لاهور هاءِ ڪورٽ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني فل بينچ مسلم ليگ ن جي صدر  شهباز شريف جي ضمانت جو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس علي باقر نجفي، جسٽس شهباز رضوي ۽ جسٽس عاليه نيلم تي ٻڌل 3 رڪني فل بينچ 27 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن مان اخلاقيات جي اعليٰ معيار جي اميد ڪئي ويندي آهي، عوامي عهدي تي ڪرپٽ شخص اچي وڃي ته جمهوري نظام تي عوام جو اعتماد چڪنا چور ٿي ويندو آهي. عوامي نمائندي تي ڪرپشن جي الزامن سان سياسي نقصان رسي ٿو جيڪو شڪست جو هڪ قسم آهي، پبلڪ آفيس هولڊر کي سئو سيڪڙو مسٽر ڪلين هئڻ گهرجي، فرد جي آزادي جي بنيادي اصولن کي نظر ۾ رکڻ عدالت جي ذميواري آهي، آزادي جي بنيادي اصولن تي ضمانت منظور يا رد ڪئي ويندي آهي. فيصلي ۾ وڌيڪ لکيو ويو ته شهباز شريف تي 26 ڪروڙ 90 لک جي اثاثن جو الزام ته هنيو ويو پر ڪو ثبوت نه ڏنو ويو، شهباز شريف جا آمدني کان وڌيڪ اثاثا ثابت ڪرڻ لاءِ ڪا به جانچ نه ٿي آهي، نيب اعتراف ڪيو ته شهباز شريف تي ڪڪ بيڪس يا ناجائز رقم وصول ڪرڻ جو الزام نه آهي، بي دلي سان شهباز شريف کي ڏوهاري ثابت ڪرڻ جي ڪوشش جي باوجود نيب ثبوت ڏيڻ جي ذميواري کان بري نٿو ٿي سگهي، الزام ثابت ڪرڻ جو سڄو بار هميشه پراسيڪيوشن تي هوندو آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو