ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته عوام کي بچت جو درس ڏيندڙ حڪومت پرڏيهي قرض وٺڻ ۾رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان هر پاڪستاني کي پوڻا 2 لک رپين جي حڪومتي قرضن جي بار هيٺان دٻائي ڇڏيو آهي، قرضن خلاف ڪوڙي مهم هلائيندڙ حڪومت هن وقت تائين 33 ارب ڊالر کان وڌيڪ پرڏيهي قرض ورتو آهي، بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته قرضن جي وياج جي ڪري پگهارن جي ادائگي بعد ترقياتي بجيٽ ته پري پر دفاعي بجيٽ لاءِ به پئسا ناهن، عمران خان حڪومت جي شاهاڻن خرچن 28 سالن جي ملڪي تاريخ ۾سڀ کان وڌيڪ قرض وٺي چڪي آهي. عوام کي معاشي ٽيم جو لالي پوپ ڏيندڙ حڪومت سخت شرطن تي قرض وٺي پنهنجي آمدني کان 10 کرب رپين کان وڌيڪ خرچ ڪري چڪي آهي. بجلي جي شعبي ۾ اڍائي کرب ۽ گئس جي شعبي ۾ گردشي قرض 350 ارب رپين کان وڌيڪ ٿي چڪا آهن.
133