اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي. صدر مملڪت عارف علوي اليڪشن ترميمي آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي.آرڊيننس تحت اليڪشن ايڪٽ 2017ع جي سيڪشن (1) 94 ۽ سيڪشن 103 ۾ترميم ڪئي وئي آهي، جڏهن ته سيڪشن 94 (1) تحت سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏنو ويو. آرڊيننس مطابق اليڪشن ڪميشن نادرا يا ڪنهن ٻي اٿارٽي يا ايجنسي جي ٽيڪنيڪل مدد سان عام چونڊن ۾ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ وجهڻ جي قابل بڻائيندي.
200