149

والدين کي گهر مان ڪڍڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي،صدارتي آرڊيننس جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) والدين کي گهر مان ڪڍڻ تي قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ملندي، صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب صدر مملڪت عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت تحفظ والدين آرڊيننس 2021ع جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته والدين کي گهر مان ڪڍڻ تي هڪ سال قيد،ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏئي سگهبيون، پوليس کي بغير وارنٽ گرفتاري جو اختيار هوندو.گهر ٻارن جي ملڪيت هجي يا مسواڙ تي گهر هجي،ٻنهي صورتن ۾والدين کي گهر مان نٿو ڪڍي سگهجي، جيڪڏهن گهر والدين جي ملڪيت هجي ته انهن کي پنهنجن ٻارن کي گهر مان ڪڍڻ جو اختيار حاصل هوندو. آرڊيننس موجب والدين جي لکت ۾ نوٽيس ڏيڻ بعد گهر خالي ڪرڻ لازمي هوندو، بروقت گهر خالي نه ڪيو ته 30 ڏينهن تائين جيل، ڏنڊ يا ٻئي سزائون ملنديون. ٻار والدين جي ڪڍڻ تي جيڪڏهن گهر نه ڇڏيندا ته والدين جي شڪايت تي ضلعي ڊپٽي ڪمشنر کي ڪارروائي جو اختيار هوندو. جڏهن ته شڪايت ڪرڻ تي پوليس کي بغير وارنٽ جي اولاد کي گرفتار ڪرڻ جو اختيار هوندو. گرفتار ماڻهن کي مئجسٽريٽ سامهون پيش ڪيو ويندو، آرڊيننس تحت والدين ۽ ٻارن کي اپيل جو حق حاصل هوندو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو