اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اسرائيلي فورسز پاران فلسطينين تي حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي، صدر عارف علوي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته فلسطينين تي اسرائيلي نصلي تعصب ۽ ظلم جاري رهڻ ناگورا آهي، هن چيو ته نمازين تي حملي جي منظر کي سوشل ميڊيا تي معمول جي ڀڃڪڙي وانگر بيان ڪيو ويو آهي، صدر پاڪستان جو چوڻ هو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن بين الاقوامي سياست ذاتي مفادات تي نا، اخلاقيات تي بنياد ٿيندي.
127