140

شهباز شريف پاڻ تي لڳل الزامن کي منهن ڏيڻ جي بجاءِ پرڏيهه وڃڻ ٿو چاهي: فردوس عاشق اعواڻ

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته شهباز شريف ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، پنجاب جي وڏي وزير جي اطلاعات بابت فردوس عاشق اعواڻ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهباز شريف ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيڻ جي بجاءِ پرڏيهه وڃڻ چاهي ٿو،  نوازشريف چيو ته 4 هفتن ۾ علاج ڪرائي واپس ايندس ۽ شهباز شريف به نوازشريف جي گارنٽي ڏني هئي، هن چيو ته نوازشريف کي واپس آڻڻ جي بجاءِ شهباز شريف پاڻ ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري پيو، شهباز شريف تي مني لانڊرنگ، ڪرپشن ۽ ڪڪ بيڪس جا الزام آهن، پهريان هو انهن کي منهن ڏئي، ان جون  ملڪيتون ۽ اولاد ٻاهر آهي، هي هاڻ عيد به ٻاهر ملهائڻ چاهي ٿو، فردوس عاشق اعواڻ چيو ته علاج جي بهاني هي ماڻهو ملڪ کان ٻاهر پنهنجون ملڪيتون بچائڻ جي لاءِ هٿ پير هڻي رهيا آهن، هن چيو ته شهباز شريف عيد پاڪستان ۾ ڪري ان کي ٻاهر وڃڻ جي ڇاجي جلدي آهي، نظام ۾ موجود ڪوتاهين کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، وزيراعظم پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين سان پنهنجو واعدو پورو ڪيو،  هن چيو ته عوام ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري ۽ ڪورونا لاڪ ڊائون لڳائڻ جو باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ٿي چڪو آهي، عوام ماسڪ جو استعمال ڪري ۽ سماجي وٿي جو خيال رکي، ڪورونا ڪيسز ۾ گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.  

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو