116

لاڙڪاڻو سينٽرل جيل جي قيدي ضمانت رد ٿيڻ تي خودڪشي ڪري ڇڏي

لاڙڪاڻو(ويب ڊيسڪ)لاڙڪاڻو سينٽرل جيل ۾ قيدي جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ، جيل انتظاميا واقعي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو، جيل انتظاميا مطابق ڪجهه ڏينهن اڳ لاڙڪاڻو باءِ پاس تي ڪنڀر برادري جي ڄڃ جي بس ۽ ٽريڪٽر وچ خوفناڪ ٽڪر ٿيو هو، جنهن ۾ 10 ڄاڃي فوت ٿيا هئا، ان ڪيس ۾ جيل ڪاٽندڙ ٽريڪٽر ڊرائيور غلام نبي لاشاري جي گذريل ڏينهن عدالت ضمانت رد ڪئي هئي، اڄ صبح  جيئن جيل ته سندس وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو، هن رومال ڳچي ۾ ٻڏي پاڻ کي وڻ ۾ ٽنگي خودڪشي ڪري ڇڏي، رابطو ڪرڻ تي جيل سپريٽنڊنٽ لياقت پيرزادو ٻڌايو ته قيدي جي ضمانت واري درخواست رد ٿي هئي، جنهن ڪري هن خودڪشي ڪئي آهي، اسان مئجسٽريٽ سان رابطو ڪيو آهي، اهو اچي پيو، تيستائين فوتي قيدي غلام نبي لاشاري جو لاش وڻ ۾ ٽنگيل رهندو،

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو