وڳڻ(ويب ڊيسڪ) ڀرسان ڳوٺ لڌو خان مغيري جو رھواسي محمد عيسا مغيري جي 19 سالن جي نوجوان پٽ محمد وسيم مغيري گھرو اڻبڻت سبب پنھنجي ئي گھر ۾ گھر وارن کان ليڪي زھريلي ڪوئا مار ٽڪيون کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، ميڊيا سان ڳالھائيندي نوجوان جي پيءُ محمد عيسا ٻڌايو ته منھنجو پٽ گوادر ۾ مزدوري ڪندو ھو، جيڪو 3 مھينا اڳ ڳوٺ موڪل ڪري آيو، پر ھتي به ھو ٽرڪن جي اڏن تي مزدوري ڪري روزگار ڪري رھيو ھو، جنھن جي اھڙي عمل اسان والدين جي جيء کي جھوري وڌو اھڙي اچانڪ واقعي پيش اچڻ ڪري ڳوٺ ۾ سوڳ وارو ماحول ڇانئجي ويو، گھر ۾ قھرام برپا ٿي وئي، جنھن کي سوين آلين اکين سان مقامي قبرستان سيد ھاشم شاھ بخاري ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، ذريعن وٽان معلوم ٿيو آھي ته فوتي جي ماءُ کي دل دورا پئجي رھيا آھن.
125