120

اڏيرولعل وايا ٽنڊوآدم روڊ تي سوزڪي ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر، 3 ڄڻا سخت زخمي

کيبر(ويب ڊيسڪ) رپورٽ مطابق اڏيرولعل وايا ٽنڊوآدم روڊ تي آخوند پيٽرول پمپ ڀرسان مٽياري جي ڳوٺ بائوديرو مان ڦاروا کڻي ٽنڊوآدم منڊي ڏانهن ويندڙ سوزوڪي سامهون اچانڪ موٽرسائيڪل سان ٽڪر لڳندي ڪلٽيو کائي ڪري پئي،  جنهن جي نتيجي ۾ سوزوڪي ڊرائيور نالي شايان ولد محمد الياس ابڙو ۽ سوزوڪي جو ڪلينڊر اشفاق ولد اقبال جٽ ويٺل ڳوٺ بائوديرو ۽ موٽر سائيڪل سوار اسماعيل جهيجو ويٺل اڏيرولعل سخت زخمي ٿي پيا، جنهن تي اڏيرولعل پوليس پاران بروقت حادثي جي جاءِ تي پهچي زخمين کي ميڊيڪل ليٽر ڏنو ويو،  زخمين کي اڏيرولعل جي رهواسين پاران پرائيويٽ ڪار ۾  مٽياري اسپتال پهچايو ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو