ميلبورن (ويب ڊيسڪ) دنيا جو بدقسمت پکي انسٽاگرام تي پسنديده پکي بڻجي ويو آهي، ڏيڏر جي شڪل رکندڙ فراگ مائوٿ نالي پکي کي آسٽريلوي سائنسدانن انسٽاگرام تي مشهور پکي قرار ڏنو، مجموعي طور فراگ پکي جا 9 انسٽاگرام اڪائونٽس ٺهيل آهن، جن تي سندس 65 تصويرون رکيل آهن ۽ فالوورز جي تعداد 35 لک آهي، حيرانگي طور هن پکي جي تصويرن تي ٻين پکين جي مقابلي ۾ وڌيڪ لائيڪس ۽ ڪمينٽس ملن ٿا.
