اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته صوبائي وزير صحت ياسمين راشد، شهباز شريف ۽ نواز شريف کان وڌيڪ بيمار آهي، پر ملڪ ۾ هي علاج ڪرائي پئي، هن چيو ته شهباز شريف ۽ نواز شريف کي به ملڪ ۾ رهي ڪري پنهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي، اسلام آباد ۾ وزيراعظم جي معاون خاص برائي داخلا ۽ احتساب مرزا شهزاد اڪبر سان پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته قومي احتساب بيورو (نيب) 400 ارب روپيا وصول ڪري قومي خزاني ۾ جمع ڪرايو جيڪو قابل تحسين آهي.
