اسلام آباد/ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جو زور برقرار، وڌيڪ 118 ماڻهو فوت ٿي ويا، سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون، مارڪيٽون ۽ بازارون بند، اين سي او سي ڀڃڪڙي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي، رپورٽ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران عالمي وبا وڌيڪ 118 ڄڻن کان حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 3785 نون ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، هوڏانهن مثبت ڪيسن جي شرح 9.29 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف چين مان 10 لک ڪورونا ويڪسين پاڪستان پهچي وئي آهي، وفاقي حڪومت چيو آهي ته 35 لک کان وڌيڪ شهرين کي ويڪسين لڳائي چڪا آهيون، هوڏانهن ايڪسپو سينٽر ڪراچي جي هال نمبر 4 ۾ سنڌ جي سڀ کان وڏي ويڪسينيشن سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو، صحت واري صوبائي وزير ڊاڪٽر عذرا فضل پيچوهو افتتاح ڪيو، اهو ويڪسينيشن سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪندو، هڪ شفٽ ۾ 4 سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي سگهبي، سنڌ جي صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته وفاق جنهن قيمت تي ڪورونا ويڪسين وٺي رهيو آهي ته سنڌکي به ان قيمت تي وٺي ڏي، ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاھھ ڪورونا وائرس جي صورتحال بيان ڪندي چيو تھ آھي تھ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 16 مريض لاڏاڻو ڪري ويا جڏھن تھ 976 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا ۽ 586 مريض صحتياب ٿيا. آچر ڏينھن وزيراعليٰ ھائوس مان عالمي وبا ڪوويڊ19 بابت جاري ٿيل تفصيلن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 14486 نمونن جي جاچ ڪئي وئي جنھن جي نتيجي ۾ 976 نوان ڪيس سامھون آيا آھن جيڪي تشخيص واري شرح جو 6.7 سيڪڙو آھي. ھن چيو تھ 24 ڪلاڪن دوران 16 انساني زندگيون ان وبا جو شڪار ٿيون جڏھن تھ فوتگين جو گڏيل انگ 4742 يعني 1.6 سيڪڙو آھي. سيد مراد علي شاهه چيو ته ھن وقت تائين 3767062 نمونن جي چڪاس ڪئي وئي ۽ گڏيل طور تي 292643 ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. ھن چيو تھ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 586 مريض صحتياب ٿيا آھن جنھن سان صحتياب مريضن جو گڏيل انگ 269820 ٿي ويو آھي جيڪو بحاليءَ واري شرح جو 92.2 سيڪڙو آھي. وڏي وزير چيو ته هن وقت ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 18081 مريضن جو علاج هلندڙ آهي، جن مان 17414 سندن گهرن اندر قرنطينا آهن ۽ 667 مريضن جو مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن. هن وڌيڪ چيو ته 629 مريضن جي حالت ڳڻتيءَ جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن مان 52 کي وينٽيليٽرز تي منتقل ڪيو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته 976 نون ڪيسن مان 441 ڪراچي شھر مان سامھون آيا آهن. جڏھن تھ صوبي جي ضلعن بابت انگ اکر اھڙيءَ ريت آھن، اوڀر ڪراچي 256، حيدرآباد 168، ڏکڻ ڪراچي 87، سکر 70، سينٽرل ڪراچي 57، گھوٽڪي 45، لاڙڪاڻو 35، خيرپور 30، قمبر 29، بدين 22، ملير 20، مٽياري 20، شڪارپور 18، ميرپورخاص 17، اولھھ ڪراچي 15، دادو 14، ڄامشورو 12، سجاول 11، ٽنڊو محمد خان 10، ڪورنگي 6، ڪشمور 3، نوابشاھھ 3، جيڪب آباد 2، سانگھڙ ۽ عمرڪوٽ ۾ ھڪ ھڪ نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آھن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبي جي عوام تي زور ڀريندي چيو آھي تھ احتياطي اپائن کي اپنايو ۽ ڪوويڊ19 بابت جاري ايس او پيز تي لازمي طور تي عمل ڪيو وڃي. هوڏانهن منصوبابندي واري صوبائي وزير اسد عمر جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڪ ڊائون دوران عوامي چرپر جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ مختلف شهرن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو، وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته صوبا انتظاميا جي مدد سان ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. لاڪ ڊائون جي ڀڃڪڙِي تي ڪارروائي ڪئي وڃي.
