115

سعودي پاران پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۾ٽياڪڙي جي آڇ، رياض حڪومت مدد نه ڪري ها ته ڊفالٽ ٿي وڃون ها: وزيراعظم عمران خان

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب پاڪ-ڀارت لاڳاپا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا  ڪرڻ جي آڇ ڪري ڇڏي، سعودي حڪومت چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ لاڳاپن جي بهتري لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي آجيان ڪريون ٿا، جڏهن ته وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، جيڪڏهن ڏکئي وقت ۾ سعودي حڪومت مدد نه ڪري ها ته اسان ڊيفالٽ ٿي وڃون ها،  رپورٽ موجب سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود هڪ خابرو اداري کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته افغانستان نه رڳو پاڪستان پر خطي جي  سيڪيورٽي جي لاءِ به اهم آهي، پاڪستان افغانستان جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ نهايت اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، سمورين پاليسين ۾ بنيادي زور ڪنهن به قوم جي عوام جي خوشحالي کي هٿي ڏيڻ تي هجڻ گهرجي، اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ او آءِ سي جو ڪردار اهم آهي، سعودي پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته عالمي برادري جي وچ ۾ اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڳالهين جي ضرورت آهي، خوشي آهي ته پاڪستان اسلاموفوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، ٻئي طرف وزيراعظم عمران خان  بيت المقدس تي  اسرائيلي فوج جي حملي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي،  سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته رمضان المبارڪ ۾ مسجد اقصيٰ ۾ فلسطينين  تي اسرائيلي فوج جو تشدد شديد مذمت جوڳو آهي، فلسطيني عوام جي حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسرائيلي فوج انسانيت جون سموريون حدون پار ڪري ڇڏيون آهن، عالمي برادري فلسطينين ۽ انهن جي قانوني حقن جي تحفظ جي لاءِ فوري طور تڪڙا  قدم کڻي. هوڏانهن وزيراعظم عمران خان سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي چيو آهي ته سعودي حڪومت مدد نه ڪري ها ته ڊفالٽ ٿي وڃون ها، ڏکئي وقت ۾ ساٿ ڏيڻ تي سعودي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، پرڏيهه ۾ رهندڙ 90 لک پاڪستاني اسان جو وڏو اثاثو آهن، انهن جي اهميت سڀ کان وڌيڪ مان ڄاڻان ٿو، ڪورونا وائيس دنيا جي معيشت ۾ وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، ڀارت ۾ به ڪورونا تباهي مچائي، ان کان اڳ به لاڪ ڊائون ڀارتي معيشت کي تمام گهڻو نقصان پهچايو هو، وزيراعظم عمران خان وڌيڪ چيو ته دنيا جي انهن چند ملڪن مان آهيون جنهن ڪورونا کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجن ماڻهن ۽ معيشت کي بچايو، پاڙيسري ملڪن جي ايڪسپورٽ ڪري پئي پر اسان جي برآمد ۾ اضافو ٿيو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو