131

ڪراچي واسين سليڪٽڊ کي رد ڪيو، عمران خان جي عوام دشمن سوچ سبب ملڪ تباهه ٿي ويو: بلاول ڀٽو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڪراچي واسين سليڪٽڊ کي رد ڪيو، عمران خان جي عوام دشمن سوچ سبب ملڪ تباهه ٿي ويو، پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾  بلاول ڀٽو چيو ته پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿيو آهي، ساڍا 3 ڪروڙ پاڪستاني غربت جي لڪير کان هيٺ بيٺل آهن، ملڪ ۾ روزانو 15 کان 20 ماڻهو خودڪشي ڪن پيا، دوائون سئو سيڪڙو کان وڌيڪ مهانگيون ٿي چڪيون آهن، بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان عام ماڻهو جي کيسي مان 90 ارب رپين کان وڌيڪ ڪڍڻ لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر بجلي جي قيمت وڌائي آهي، هوڏانهن پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو ڪراچي جي تڪ 249 جي ٻيهر ڳڻپ ۾ ڪاميابي تي پيپلزپارٽي کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته غلط الزام بي بنياد ثابت ٿيا، سچ سامهون اچي ويو، سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول ڀٽو چيو ته ڪراچي واسين سليڪٽڊ کي رد ڪري پ پ اميدن کي مهور بڻايو، ٻيهر ڳڻپ ۾ پيپلزپارٽي جي برتري 9 سئو ووٽن کان وڌيڪ  ٿي وئي، غلط الزام بي نقاب ٿيا ۽ سچ سامهون اچي ويو.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو