اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شهباز شريف جي گارنٽي ڪيئن مڃيون، هو ٻئي فرار شخص جي گارنٽي نه ڏئي سگهيو، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ان کي ته نواز شريف کي به واپس آڻڻو هو، کيس علاج لاءِ ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏيڻ ٻين قيدين سان زيادتي آهي، شهباز شريف بابت ڪيسن ۾ اپيلن جو حق رکون ٿا، ضمانت جي فيصلي خلاف اپيل ڪرڻ جو سوچي رهيا آهيون، هن وڌيڪ چيو ته (ن) ليگ جا ڪجهه ماڻهو هر هر عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، عدالت آڏو پنهنجو موقف کڻي وينداسين، شهباز شريف خلاف عدالت ۾ ثبوت پيش ڪنداسين، سولائي سان کيس ملڪ مان ٻاهر وڃڻ نه ڏنو ويندو. هوڏانهن وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر چيو آهي ته شهباز شريف ڪيس ۾ عدالت کي صحيح حقيقتون ناهن ٻڌايو ويون، (ن) ليگ جا ڪجهه ماڻهو عدالت ۽ عوام کي گمراهه ڪري رهيا آهن.
193