ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2019ع ۾ ڀرتي ٿيل 1302 ويڪسينيٽرز جي مقرري غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي آهي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ نومبر 2019ع ۾ 1302 ويڪسينيٽرن جي ڀرتين خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواست داخل ڪندڙ جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته ڀرتين ۾ وڏي پئماني تي بي قاعدگيون ٿيون آهن، 2018ع ۾ اشتهار جاري ڪيو ويو هو، اين ٽي ايس ۾ 60 کان گهٽ يا وڌيڪ نمبرن وارن کي يوسي سطح تي ڀرتي ڪيو ويو هو، ٻين سان ناانصافي ٿي، عدالت ويڪسينيٽرن جي ڀرتي غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏي، نون اميدوارن کان ٻيهر انٽرويو وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت کي ويڪسينيٽرز لاءِ ٽريننگ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
128