200

سعودي عرب سان ڪشمير بابت پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڳالهه ناهي ٿي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب سان ڪشمير بابت پاڪ-ڀارت وچ ۾ ٽياڪڙي جي ڳالهه ناهي ٿي، سعودي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته  پاڪستان ۽ سعودي عرب انتهاپسندي جي خاتمي جا پابند آهن، ٻطرفن لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پرعزم آهيون، پاڪ-سعودي لاڳاپا تاريخي، اسٽريٽجڪ ۽ هڪٻئي جي اعتماد تي ٻڌل آهن، سعودي-پاڪستان رابطا ڪائونسل وڌيڪ ويجهو ڪندي، هن چيو ته ڪنهن به ملڪ کي اها اجازت نه ڏني ويندي ته اسلام کي انتهاپسند مذهب جي طور تي پيش ڪري، ان کي روڪينداسين، ڀارت جي آرٽيڪل 370 بابت (ن) ليگ اڳواڻ محمد زبير غيرذميوارڻو بيان ڏنو، کيس ائين نه چوڻ گهرجي ها.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو