اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ آرڊيننس تي خدشا برقرار آهن، عيد کانپوءِ اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ذريعن موجب وفاقي حڪومت اليڪشن ڪميشن کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت صدارتي آرڊيننس جاري ڪيو آهي، اليڪشن ڪيمشن کي ان تي خدشا برقرار آهن، عيد کانپوءِ ان معاملي تي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ، انٽرنيٽ ووٽنگ ۽ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بابت آرڊيننس جو جائزو ورتو ويندو، اليڪشن ڪميشن جائزو وٺي وفاقي حڪومت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آرڊيننس بابت پنهنجن خدشن کان آگاهه ڪندي.
208