اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پيپلزپارٽي جي اڳواڻ ۽ سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته اليڪشن ترميمي آرڊيننس رد ڪريون ٿا، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ترميمي آرڊيننس چونڊ عمل جي 3 حساس معاملن بابت آهي، آرڊيننس اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ سمنڊ پار پاڪستانين کي ووٽنگ جي حق بابت آهي، سياسي جماعتن ۽ اليڪشن ڪميشن سان نه مشاورت ڪئي ۽ نه اتفاقِ راءِ پيدا ڪيو، اهو قدم هڪ سياسي جماعت جي مرضي مسلط ڪرڻ جي برابر آهي.
