202

سکر ۾ ڪورونا جا وار جاري، پوليس اهلڪار ۽ عورت دم ڏئي ڇڏيو، فوتين جو انگ وڌي 8 ٿي ويو

سکر (ويب ڊيسڪ) سکر ۾ ڪرونا جا وار جاري، ڪرونا وائرس وگھي وڌيڪ ٻن ڄڻن دم ڏئي ڇڏيو، هلندڙ  ھفتي دوران  فوتين جو انگ 8 ٿي ويو، سکر جي سول اسپتال سکر جي آئيسوليشن وارڊ ۾ ڳڙهي ياسين واسڻ عورت 55 ورهين جي مسمات بادشاھ زادي فوت ٿي وئي، ڪرونا وائرس جو شڪار فوتڻ جو لاش ايڍهي سينٽر جي عملي سندس ڳوٺ ڳڙھي ياسين پهچائڻ بعد ايس او پيز کي فالو ڪندي وارثن سان گڏجي دفنايو، سکر شھر جي مختلف ٿاڻن تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ پراڻو پوليس اھلڪار محمد علي گڏاڻي سول اسپتال سکر ۾ ڪرونا وائرس سبب فوت ٿي ويو آھي. سندس لاش کي ايڌي ايمبولينس ذريعي پراڻو سکر جي برماشيل ڊيپو بلوچ ڪالوني ۾ سندس رھائش گاھ آندو ويو، جتي ايس او پيز تحت کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو آھي، جڏهن ته شهر اندر وڌندڙ ڪورونا جي لهر سبب خوف واري لهر پکڙيل آهي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو