136

عمران خان پنهنجي نالائقي جا الزام پاڪستاني سفارتڪارن مٿان هڻي رهيو آهي: آصف زرداري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جو چوڻ آهي ته عمران خان پنهنجي نالائقي جا الزام پاڪستاني  سفارت ڪارن مٿان هڻي رهيو آهي، پنهنجي هڪ بيان ۾ آصف زرداري چيو ته شهيد  ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي قتل مسلمانن جي اتحاد کي متاثر ڪيو ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومت کان پوءِ ايندڙ حڪومتن پرڏيهي معاملن تي ڪوبه ڌيان ناهي ڏنو، ٻئي طرف پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم عمران خان مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري عمران خان جي هن تبديلي جي قيمت ڀري رهيو آهي،  عمران خان جي دور ۾ ساڍا 7 ڪروڙ پاڪستاني غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو