ڀريا سٽي (ويب ڊيسڪ) ڀريا سٽي ڀرسان ڳوٺ الله بخش مري ۾ عيد جي موڪل تي آيل فوجي اھلڪار اسحاق مري فائرنگ ڪري پنهنجي زال عذرا مري ۽ پاڙيسري نوجوان بادل مجيداڻو کي ڪارنهن جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته لاش ڪيترائي ڪلاڪ واقعي واري جڳهه تي پيل رهيا، اطلاع تي ڀرياسٽي پوليس پهچي ٻنھي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندا، جتي سندن پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان بعد ۾ مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا، ان سلسلي ۾ معلوم ٿيو آھي تـ مارجي ويل عذرا مري کي ھڪ معصوم پٽ جو اولاد آھي، ڊي ايس پي ڀريا عبدالستار اڄڻ ٻڌايو تـ جوابدار فوجي اسحاق مري کي هٿيار سميت گرفتار ڪري ورتو آھي، وارثن جي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو ٻئي پاسي اسپتال ۾ آيل مقتول نوجوان بادل مجيداڻو جي والد شاھن مجيداڻو ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو تـ منھنجو پٽ ڪارو ناھي جوابدار ڌر ظلم ڪيو آھي، بي گناهه منھنجي پٽ کي ماريو ويو آھي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، ھوڏانھن مقتول نوجوان جو لاش سندس گھر ۾ پھچڻ ڪھرام مچي ويو، جڏھن ته مقتول عورت جي وارثن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو علائقي ۾ چوٻول آھن ته عورت کي بنا غسل جي دفنايو ويو ۽ ڪنهن به قسم جو تڏو ڪونه وڇايو ويو.
