ڏوڪري (ويب ڊيسڪ) ڏوڪري پوليس جا شهر ۾ مختلف جڳهن تي ڇاپا، جوا جي اڏي تان چئن ڄڻن کي تاش جي پتن روڪ رقم 9 هزار روپين سميت موبائل فون هٿ ڪرڻ جي دعوي، ان موقعي تي ڏوڪري پوليس ميڊيا کي ٻڌايو ته سماجي براين کي ختم ڪرڻ لاءِ شهر جي مختلف جڳهن تي ڇاپا هنيا ويا آهن، جنھن ۾ ڏيرا اسٽاپ وٽان چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته گرفتار ٿيل چئن ڄڻن خلاف جوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ جوابدار نديم کوکر، رشيد جوڻيجو، منير جروار، ۽ اويس جروار شامل آهن.
164