اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) حڪومت حديبيه پيپرز ملز ڪيس جي ٻيهر جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ جاچ کي ٻيهر کولڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هدايتون ڏئي رهيا آهيون، حديبيا ڪيس شريف خاندان ۾ ڪرپشن جو سڀ کان اهم ذريعو آهي، هن ڪيس ۾ نواز شريف ۽ شهباز شريف اهم جوابدار آهن، هن چيو ته حديبيا مان پيسا ٻاهر موڪلڻ جو جيڪو طريقو استعمال ڪيو ويو اهو بعد ۾ هر ڪيس ۾ اختيار ڪيو ويو، هن ڪيس کي انجام تائين پهچائڻ تمام ضروري آهي، فواد چوڌري چيو ته قانوني ٽيم اڄ وزيراعظم کي شهباز شريف جي ڪيسن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته حديبيا پيپر ملز ڪيس ۾ نئين جاچ جي ضرورت آهي.
118