217

حيدرآباد ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 189 نوان ڪيس ظاهر

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ)حيدرآباد ۾ ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 189نوان ڪيس سامھون آيا آھن، رپورٽ مطابق حيدرآباد ضلعي جا شھري توڙي ڳوٺاڻا پنھنجن پنھنجن گھرن ۾ رھن ۽ ٻاھر بنا سبب جي نڪرڻ کان پاسو ڪن، ڪورونا وائرس جي ٽئين لھر ھلي رھي آھي، ماسڪ جو استعمال ڪن پنھنجن ھٿن کي صابڻ سان بار بار ڌوئي صاف رکن، ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو چيو آھي ته حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون مڪمل طور ٿيل آھي، انٽر سٽي بس سروس ۽ وين سروس مڪمل طور بند آھي، ماسڪ پائڻ سان گڏ ايس او پيس تي مڪمل عمل ڪيو وڃي، جيڪو به قانون جي خلاف ورزي ڪندو ان خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو، ايس ايس پي حيدرآباد عبدالسلام شيخ چيو ته حيدرآباد ۾ لاڪ ڊائون دؤران پوليس جو گشت جاري آھي، حيدرآباد جون بازارون بند آھن، صرف ميڊيڪل اسٽور ڀاڄين کير وارا کليل آھن، انھن وٽ اچڻ وقت ايس او پيس جو مڪمل خيال رکيو وڃي ۽ ماسڪ پائڻ لازمي آھي.

هن خبر تي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪريو.

پنهنجي راءِ ڏيو